ايران ۽ عراق ويندڙ زائرين کي مڪمل سهولتون فراهم ڪبيون، مريم نواز

ايران ۽ عراق ويندڙ زائرين کي مڪمل سهولتون فراهم ڪبيون، مريم نواز

لاهور (ويب ڊيسڪ)پنجاب جي وڏي وزير مريم نواز چيو آهي ته ايران ۽ عراق زائرين کي هر ممڪن سهولتون فراهم ڪنداسين،پنجاب جي وڏي وزير وزيرن، ڪابينا ڪميٽي لا اينڊ آرڊر ۽ ٻين عملدارن سان وڊيو لنڪ تي ملاقات ڪئي.وڏي وزير مريم نواز محرم الحرام دوران سيڪيورٽي انتظامن کي ساراهيو.مريم نواز ماتم ڪندڙن لاءِ ”سبيل آن ويل“ کي خراج تحسين پيش ڪندي پهريون ڀيرو حڪومتي سطح تي نياز جي فراهمي کي ساراهه جوڳو قرار ڏنو.ان موقعي تي ڳالهائيندي مريم نواز چيو آهي ته نواز شريف جي طرفان سڀني کي مبارڪباد ۽ واڌايون پيش ڪريان ٿو، منهنجي ٽيم محرم الحرام ۾ سٺا انتظام ڪري منهنجو فخر ڪيو آهي.مريم نواز جو چوڻ آهي ته شيخوپوره واقعي جي ذميوارن جي فوري گرفتاري جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، موبائل فون ۽ انٽرنيٽ سروس بند ڪرڻ کانسواءِ سڪيورٽي انتظام وڏي ڪاميابي آهي، شيعه عالمن ۽ عالمن محرم الحرام جي انتظامن تي شڪريو ادا ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو