ايران ۽ اسرائيل مڪمل جنگ بندي تي متفق آهن: صدر ٽرمپ

ايران ۽ اسرائيل مڪمل جنگ بندي تي متفق آهن: صدر ٽرمپ

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ اعلان ڪيو آهي ته اسرائيل ۽ ايران جنگ بندي تي متفق ٿي ويا آهن ۽ حملا ايندڙ 6 ڪلاڪن ۾ بند ٿي ويندا.آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پنهنجي سوشل ميڊيا پليٽ فارم ‘ٽروٿ سوشل’ تي اهو اعلان ڪيو جنهن ۾ هن چيو ته سڀني کي مبارڪون هجن، اسرائيل ۽ ايران جي وچ ۾ مڪمل جنگ بندي تي اتفاق ٿي ويو آهي. ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته اسرائيل ۽ ايران جي وچ ۾ حملا ايندڙ 6 ڪلاڪن کان پوءِ بند ٿي ويندا جڏهن ٻئي ملڪ پنهنجا آخري جاري مشن مڪمل ڪندا.

پهنجو تبصرو موڪليو