تهران (ويب ڊيسڪ) صدر ٽرمپ سوشل ميديا تي ڪيل پوسٽ ۾ ايراني قيادت کي خبردار ڪيو آهي ته ايران ڳالهين لاءِ سنجيدگي ڏيکاري ان کان اڳ جو دير ٿي وڃي. هن چيو ته ايراني چون ٿا ته هو غور ڪري رهيا آهن، اهو غلط آهي، اسان ته ايران جي فوجي سگهه ختم ڪري ڇڏي آهي. ايراني ميڊيا موجب ايران جو آپريشن وعده صادق 4 تحت حملن جي 81 هين لهر ۾ 70 کان وڌيڪ اسرائيلي هدفن تي ميزائل فائر ڪيا ويا.
حزب الله جي حملي ۾ هڪ اسرائيلي فوت 25 زخمي
اتر اسرائيل جي نهاريا علائقي تي ميزائل حملي کانپوءِ هڪ ماڻهو مارجي ويو آهي، ايمرجنسي سروس ميگن ڊيوڊ ايڊوم موجب۔ ميڊيڪل سروس موجب وڌيڪ 25 ماڻهن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، جن مان هڪ پنجاهه سالن جو مرد پنهنجي عضون ۾ ميزائيل جص ٽڪرن سبب زخمي ٿيو آهي۔ ان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته 13 ماڻهو هلڪي ڌماڪي ۽ ٽڪڙن سبب زخمن جو شڪار آهن، جڏهن ته 11 ماڻهن ۾ ذهني پريشاني (انگزائٽي) جون علامتون ڏٺيون ويون آهن۔ اسرائيلي ميڊيا رپورٽ ڪري رهي آهي ته ميزائل لبنان مان فائر ڪيا ويا، ۽ ضرورت موجب وڌيڪ اپڊيٽس جاري ڪيون وينديون۔
اسرائيل پاران ايران جي نيول ڪمانڊرز کي مارڻ جي دعويٰ
اسرائيل جي دفاع واري وزير اسرائيل ڪٽز دعويٰ ڪئي آهي ته هوائي حملي ۾ ايران جي اسلامي انقلابي گارڊز (IRGC) جي نيوي جي ڪمانڊر علي رضا تنگسيري کي قتل ڪيو ويو آهي۔ ڪٽز هڪ وڊيو بيان ۾ چيو ته: “گذريل رات، هڪ صحيح ۽ جان ليوا آپريشن ۾، آءِ ڊي ايف انقلابي گارڊز جي نيوي جي ڪمانڊر تنگسيري کي، نيوي جي قيادت جي سينيئر آفيسرن سميت، ختم ڪري ڇڏيو آهي.” هن وڌيڪ چيو ته: “اهو شخص، جيڪو هرمز جي آبنائي کي بارود لڳائڻ ۽ جهازن جي اچ وڃ کي روڪڻ واري دهشتگرد ڪارروائي جو سڌو ذميوار هو، ان کي ختم ڪيو ويو آهي.”
نئين دهلي ۾ ايراني سفارتخاني سوشل ميڊيا تي والاريل ڪشمير جي ماڻهن جي شڪريه جو پيغام جاري
نئين دهلي ۾ ايراني سفارتخاني سوشل ميڊيا تي والاريل ڪشمير جي ماڻهن لاءِ ايراني انقلابي گارڊ ڪور جي شڪرگذاري جو پيغام شيئر ڪيو.ايڪس تي هڪ پيغام ۾، سفارتخاني لکيو ته ايراني انقلابي گارڊ ڪور ڪشمير جي ماڻهن جي حمايت لاءِ شڪريو ادا ڪيو آهي.ايراني سفارتخاني هڪ تصوير پوسٽ ڪئي جنهن ۾ هڪ ايراني ميزائل ڏيکاريو ويو آهي جنهن ۾ انقلابي گارڊ ڪور جو هڪ پيغام لکيل آهي، “اسان ڪشميري عوام جي حمايت لاءِ تمام گهڻو شڪرگذار آهيون ۽ اسان پنهنجي اڳواڻ جي قاتلن کان توهان جي طرفان بدلو وٺنداسين.
آمريڪا پنهنجن جنگي مقصدن ۾ ناڪام، پاڙيسري ملڪن کي پيغام آهي ته آمريڪا کان فاصلو رکو: عباس عراقچي
هڪ انٽرويو ۾ ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي چيو ته آمريڪا سان ڪا به ڳالهه ٻولهه ناهي ۽ آمريڪا پنهنجن جنگي مقصدن ۾ ناڪام ٿيو آهي.هن چيو ته آمريڪا جنگ ۾ تيز فتح حاصل ڪرڻ ۽ ايراني حڪومت کي تبديل ڪرڻ ۾ به ناڪام ٿيو آهي.عباس عراقچي چيو ته خطي ۾ آمريڪي اڏن کي ايران خلاف ڪارروائي لاءِ استعمال ڪيو ويو آهي، ايران خطي ۾ ڪنهن به ملڪ سان دشمني نٿو رکي ۽ صرف آمريڪي اڏن ۽ مرڪزن کي نشانو بڻائي ٿو جتان ايران خلاف حملا ڪيا وڃن ٿا.هن چيو ته پاڙيسري ملڪن کي پيغام آهي ته آمريڪا کان فاصلو رکو.ايراني پرڏيهي وزير چيو ته اسان ڪجهه ملڪن کي آبنائے هرمز مان گذرڻ جي اجازت ڏني جن کي اسان پنهنجا دوست سمجهندا هئاسين، اسان چين، روس، پاڪستان، هندستان ۽ عراق کي گذرڻ جي اجازت ڏني، پر ڪو به سبب ناهي ته اسان پنهنجن دشمنن کي آبنائے هرمز مان گذرڻ جي اجازت ڏيون.
ايران آمريڪا-اسرائيلي جنگ تي غالب نظر اچي ٿو، اڳوڻو ايم آءِ 6 سربراهه
برطانوي انٽيليجنس ايجنسي MI6 جي اڳوڻي سربراهه، اليڪس ينگر، چيو آهي ته ايران موجوده جنگ تي حاوي نظر اچي رهيو آهي.ايم آئي سڪس جي اڳوڻي سربراهه، اليڪس ينگر، چيو آهي ته ٽرمپ پهرين حملي کان پوءِ جيڪو حاصل ڪيو هو اهو وڃائي ڇڏيو آهي.اليڪس ينگر جي مطابق، ايران گذريل سال جون ۾ جنگ کان پوءِ سڄي ملڪ ۾ پنهنجا هٿيار پکيڙڻ ۽ فوجي ڪمانڊ کي زمين تي منتقل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو، جيڪو اثرائتو ثابت ٿيو.هن چيو ته ايران آبنائے هرمز جي اقتصادي اهميت کي به نظر ۾ رکيو آهي.
جنگبندي جون ڪوششون تيز، آمريڪا 2 ايراني اڳواڻن کي ٽارگيٽ لسٽ تان هٽائي ڇڏيو
آمريڪا ۽ اسرائيل امڪاني امن ڳالهين کي نظر ۾ رکندي ايران جي ٻن اهم عهديدارن کي عارضي طور تي ٽارگيٽ لسٽ مان ڪڍي ڇڏيو آهي. انهي قدم کي خطي ۾ جاري ڇڪتاڻ کي گهٽ ڪرڻ جي هڪ ڪوشش جي طور تي ڏٺو پيو وڃي.آمريڪي اخبار وال اسٽريٽ جرنل جي رپورٽ موجب ايراني پارليامينٽ جي اسپيڪر محمد باقر قاليبات ۽ پرڏيهي وزير عباس عراقچي جو نالو 4 کان 5 ڏينهن جي لاءِ انهي فهرست مان هٽايو ويو آهي. رپورٽ موجب اهو فيصلو آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ طرفان جنگ جي خاتمي لاءِ اعليٰ سطحي ڳالهين جو رستو سڌو ڪرڻ جي حوالي سان ڪيو ويو آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته ترڪي، پاڪستان ۽ مصر سميت مختلف ملڪن جي ٽياڪڙي آمريڪا ۽ ايران کي فوري طور تي ڳالهين تي راضي ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن ته جيئن پهريان جنگبندي ممڪن ٿي سگهي ۽ انهي کان پوءِ باضابطه ڳالهين جي شروعات ٿي سگهي.اعليٰ اختيارين موجب آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ طئي ٿيل شرطن ۾ وڏا اختلاف موجود آهن جنهن سبب انهن ڳالهين جي ڪاميابي جا امڪان في الحال محدود نظر اچي رهيا آهن.
روس ايران کي ڊرون، دوائون ۽ کاڌو موڪلي رهيو آهي: برطانوي اخبار
برطانوي اخبار جو چوڻ آهي ته مغربي انٽيليجنس جي مطابق، روس ايران کي ڊرون، دوائون ۽ کاڌو موڪلي رهيو آهي. روس طرفان ايران کي ڊرون جي فراهمي جو مرحلو مارچ ۾ شروع ٿيو. روس سيٽلائيٽ تصوير ۽ انٽيليجنس مدد پڻ فراهم ڪري رهيو آهي.اخبار جو دعويٰ آهي ته تهران روس کان وڌيڪ جديد هوائي دفاعي صلاحيتون پڻ گهريون آهن، ۽ روس ايس-400 لاءِ ايراني درخواستن کي رد ڪري ڇڏيو آهي.ڪريملن انهن دعوائن تي چيو آهي ته ڪيتريون ئي افواهون آهن، اسان ايراني قيادت سان ڳالهيون جاري رکي رهيا آهيون.
جنگ بندي لاءِ آمريڪي تجويزون
آمريڪي اخبار واشنگٽن پوسٽ پڻ آمريڪي جنگ ختم ڪرڻ لاءِ تجويزون پيش ڪيون آهن.واشنگٽن پوسٽ جي مطابق، آمريڪي تجويز اها آهي ته جيڪڏهن ايران سڀ افزوده يورينيم ختم ڪري ۽ مطالبا قبول ڪري، ته اهو پابندين ۾ تمام گهڻي نرمي ڪري سگهي ٿو. شرط اهو آهي ته ايران جي بيلسٽڪ ميزائل پروگرام تي سخت پابنديون لاڳو ڪيون وڃن. آمريڪا چاهي ٿو ته ايران حزب الله، حوثي ۽ حماس سميت سڀني هٿياربند گروهن جي حمايت بند ڪري. آمريڪي عملدارن موجب، اهي تجويزون حساس آهن، تنهن ڪري تفصيل سرڪاري طور تي ظاهر نه ڪيا پيا وڃن.آمريڪي اخبار جي مطابق، وائيٽ هائوس هڪ ايراني ميڊيا رپورٽ کي رد ڪري ڇڏيو آهي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته ايران منصوبي کي رد ڪري ڇڏيو آهي. آمريڪا جو چوڻ آهي ته ڳالهيون جاري آهن ۽ ڪنهن به نتيجي جو اعلان وقت کان اڳ ڪيو ويندو.
صدر ٽرمپ ايران سان ڇهن هفتن ۾ تڪرار ختم ڪرڻ چاهي ٿو: آمريڪي اخبار
وال اسٽريٽ جرنل رپورٽ ڪيو آهي ته ٽرمپ جنگ جي جلد خاتمي لاءِ زور ڏئي رهيو آهي ۽ ايران سان تڪرار کي چار کان ڇهن هفتن اندر حل ڪرڻ چاهي ٿو.اخبار موجب، صدر ٽرمپ پنهنجي ويجهن صلاحڪارن کي ٻڌايو آهي ته هو ايران سان جنگ کي ڊگهو ڪرڻ نٿو چاهي. آمريڪي صدر جو خيال آهي ته جنگ پنهنجي آخري مرحلن ۾ داخل ٿي چڪي آهي.اخبار چيو ته وائيٽ هائوس مئي ۾ بيجنگ ۾ چيني صدر سان هڪ سربراهي اجلاس منعقد ڪيو هو ان بنياد تي ته جنگ جلد ختم ٿي ويندي. ٽرمپ جو ڌيان ڪڏهن ڪڏهن ٻين سياسي مسئلن ڏانهن منتقل ٿي ويندو آهي، جهڙوڪ وچ مدي واريون چونڊون ۽ اميگريشن قدم. صدر هڪ ساٿي کي ٻڌايو ته جنگ کيس ٻين ترجيحن کان هٽائي رهي هئي. ويجهن صلاحڪارن جي مطابق، ٽرمپ ايندڙ وڏي چئلينج ڏانهن وڌڻ لاءِ بيتاب نظر اچي ٿو. ڪجهه اتحادين کي اميد آهي ته ٽرمپ ڪيوبا جي ڪميونسٽ حڪومت جي خاتمي تي ڌيان ڏيندو.
حزب الله اسرائيل سان جنگ بندي جي ڳالهين کي رد ڪري ڇڏيو
حزب الله لبنان تي اسرائيل جي حملن جي وچ ۾ جنگ بندي جي ڳالهين کي رد ڪري ڇڏيو آهي.حزب الله جي سربراهه جو چوڻ آهي ته باهه جي وچ ۾ اسرائيل سان ڳالهيون هٿيار ڦٽا ڪرڻ جي برابر هونديون.
ايران ڳالهين ڪرڻ چاهي ٿو پر ڊڄي ٿو ته جيڪڏهن هو ڪنهن معاهدي کان انڪار ڪندا ته هو پنهنجن ئي ماڻهن جي هٿان مري ويندا: ٽرمپ
واشنگٽن ۾ ڳالهائيندي آمريڪي صدر ٽرمپ چيو ته هو ايران سان ڳالهيون ڪري رهيو آهي، ايران ڊيل ڪرڻ لاءِ تيار آهي پر ڳالهائڻ کان ڊڄي ٿو.هن چيو ته جيڪڏهن ايراني قيادت ڊيل ڪرڻ لاءِ چوي ٿي ته اهي پنهنجن ئي ماڻهن جي هٿان مرندا، اهي اسان جي هٿان مرڻ کان به ڊڄن ٿا.ٽرمپ چيو ته اسان دنيا ۾ 8 جنگيون روڪيون آهن، ۽ اسان هڪ ٻي جنگ به کٽي رهيا آهيون.آمريڪي صدر چيو ته اسان ايران جي بحري ۽ هوائي فوج کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي، پر جيڪڏهن توهان جعلي خبرن کي ڏسو ته اهو لڳي ٿو ته اسان جنگ هارائي رهيا آهيون.
ايران جنگ بندي معاهدي ۾ لبنان ۾ اسرائيلي حملن جو خاتمو به چاهي ٿو، نيوز ايجنسي
نيوز ايجنسي موجب، ايران جنگ بندي تي ڪنهن به ممڪن معاهدي ۾ لبنان کي شامل ڪرڻ جي خواهش ظاهر ڪئي آهي.رپورٽ موجب، ايران ڪوآرڊينيٽرن کي پنهنجي مطالبي کان آگاهه ڪيو آهي، جڏهن ته ڇهن علائقائي ذريعن ان ترقي جي تصديق ڪئي آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته ايران چاهي ٿو ته لبناني مزاحمتي گروپ حزب الله تي اسرائيلي حملي جو خاتمو آمريڪا سان ڪنهن به معاهدي ۾ شامل ڪيو وڃي.رپورٽن موجب، ايران حزب الله کي يقين ڏياريو آهي ته ان کي هڪ وسيع معاهدي جي حصي طور شامل ڪيو ويندو.هڪ ايراني عهديدار موجب، تهران هن وقت آمريڪي تجويزن جو جائزو وٺي رهيو آهي ۽ صلاح مشوري جو عمل جاري آهي.
علائقي ۾ سڀئي آمريڪي فوجي اڏا تباهه ڪيا ويا آهن، انقلابي گارڊز
ايراني انقلابي گارڊز جو چوڻ آهي ته علائقي ۾ سڀئي آمريڪي فوجي اڏا تباهه ڪيا ويا آهن ۽ هاڻي آمريڪي ڪمانڊر ۽ سپاهي ڀڄي ويا آهن ۽ پناهه گاهه ۾ لڪي ويا آهن.انقلابي گارڊز عوام کي اپيل ڪئي آهي ته ايران کي آمريڪي ڪمانڊرن ۽ سپاهين جي لڪڻ جي جڳهن بابت آگاهي ڏين.
خارگ ٻيٽ تي حملي جو خطرو، ايران پاران بارودي سرنگون لڳائڻ شروع
آمريڪي ميڊيا جو چوڻ آهي ته ايران خارگ ٻيٽ تي ممڪن حملي ۽ جنگ جي تياري شروع ڪري ڇڏي آهي.رپورٽ موجب، ٻيٽ تي وڏي تعداد ۾ راڪيٽ پهچايا ويا آهن، جڏهن ته خارگ ٻيٽ جي ساحل تي بارودي سرنگون پڻ نصب ڪيون پيون وڃن.آمريڪي ميڊيا جو چوڻ آهي ته خارگ جي چوڌاري سرنگون لڳايون پيون وڃن جيڪي ماڻهن ۽ گاڏين کي نشانو بڻائي سگهن ٿيون.










