اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) وفاقي وزير خزانه محمد اورنگزيب چيو آهي ته ايران آمريڪا معاهدي کانپوءِ معاشي هدفن ۾ بهتري جي اميد آهي، پر بجيٽ تخمينن ۾ تبديلي اڃا وقت کان اڳ هوندي.وزير خزانه محمد اورنگزيب پرڏيهي خبرون ڏيندڙ اداري کي انٽرويو ڏيندي چيو ته پاڪستان وڌيڪ عالمي بانڊز جاري ڪرڻ جو خواهان آهي، ايران جنگ جي خاتمي کانپوءِ پاڪستان 2027ع لاءِ پنهنجي معاشي بهتري ڏسي رهيو آهي، تنهن هوندي به بجيٽ ۾ فوري تبديلي ڪرڻ اڃا وقت کان اڳ هوندو.محمد اورنگزيب چيو ته جنگ دوران توانائي جي بنيادي ڍانچي کي نقصان پهتو، سپلائي چينز جي مڪمل بحالي ۾ وقت لڳندو، هن تڪرار مهنگائي کي ٻيهر ٻن انگن (ڊبل ڊيجٽ) تائين پهچائي ڇڏيو هو.هن ٻڌايو ته پاڪستان جي مالي سال 2027ع جي بجيٽ ۾ معاشي ترقي جي شرح (گروٿ ريٽ) جو هدف 4 سيڪڙو مقرر ڪيو ويو آهي، ايندڙ سال مهنگائي جو هدف 8.2 سيڪڙو مقرر ڪيو ويو آهي، ۽ دفاعي خرچن ۾ 18 سيڪڙو اضافو ڪري انهن کي 3 هزار ارب رپين تائين وڌايو ويو آهي.هن اهو به چيو ته آءِ ايم ايف پروگرام کي برقرار رکڻ لاءِ وڌيڪ ٽيڪس آمدني تي انحصار ڪيو ويو آهي، ڪمرشل قروضن سان قرض ڏيندڙن جو پروفائل تبديل ڪرڻ جو منصوبو آهي.وفاقي وزير خزانه چيو ته اسان جي خواهش آهي ته ڪجهه ٻه طرفن قروضن جي جڳهه ڪمرشل قرض کڻي سگهون، اسان جو مقصد بيروني قروضن جي حجم ۾ اضافو ڪرڻ ناهي، پاڪستان گذريل مهيني يو اي اي (UAE) جا 3.4 ارب ڊالر جا ڊپوزٽس واپس ڪيا، ان سان گڏوگڏ اماراتي ڪمرشل بئنڪن مان به تعاون حاصل ڪيو.محمد اورنگزيب چيو ته پاڪستان وڌيڪ پانڊا بانڊز، يورو بانڊز ۽ آمريڪي ڊالر بانڊز جاري ڪرڻ جو ارادو رکي ٿو، بانڊز جي حجم جو فيصلو اڃا ناهي ٿيو، ايندڙ مالي سال ۾ 2.82 ارب ڊالر جي ڪمرشل ۽ يورو بانڊ فنانسنگ جو تخمينو آهي.هن چيو ته پاڪستان کي هڪ ارب ڊالر جي برابر پانڊا بانڊز جاري ڪرڻ جي منظوري به حاصل آهي، 25 ڪروڙ ڊالر جي پهرين پانڊا بانڊ جي جاري ٿيڻ کي 95 سيڪڙو ضمانت حاصل هئي.وفاقي وزير خزانه چيو ته حڪومت ڪرپٽو ڪرنسي، ٽوڪنائيزيشن ۽ ڊيجيٽل اثاثا اڪسچينجز کي پهريان ريگوليٽ ڪندي، ان کانپوءِ انهن تي ٽيڪس مڙهڻ تي غور ڪيو ويندو.برطانوي خبرون ڏيندڙ اداري موجب، محمد اورنگزيب مسلسل ٽي بجيٽون پيش ڪندڙ ڪجهه پاڪستاني وزيرن ۾ شامل ٿي ويو آهي، ڇاڪاڻ ته پاڪستان ۾ اڪثر حڪومتون پنهنجو مدو پورو ناهن ڪنديون ۽ پاڪستان ۾ وزير خزانه به بار بار تبديل ٿيندا رهيا آهن.










