ايران آمريڪا معاهدو، هڪ ٻن ڏينهن ۾ سٺي خبر ايندي: محسن نقوي

ايران آمريڪا معاهدو، هڪ ٻن ڏينهن ۾ سٺي خبر ايندي: محسن نقوي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)وفاقي گهرو وزير محسن نقويءَ جو چوڻ آهي ته ايران آمريڪا معاهدي بابت هڪ ٻن ڏينهن ۾ سٺي خبر ايندي.لاهور ۾ ميڊيا سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي محسن نقوي چيو ته آمريڪا ايران جنگ جو مسئلو جلد حل ٿيندو ۽ صلح ٿيندي، وزيراعظم ۽ فيلڊ مارشل پاڪستان جي نمائندگي ڪندا. محسن نقوي چيو ته تيل جي قيمتن کي پلاننگ سان مستحڪم رکيو ويو آهي، جيڪڏهن ائين نه ڪيو وڃي ها ته ملڪ ۾ پيٽرول جي قيمت هڪ ئي وقت ۾ اڍائي سئو رپيا وڌي وڃي ها.

پهنجو تبصرو موڪليو