تهران (ويب ڊيسڪ)ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي جو فيلڊ مارشل سيد عاصم منير سان ٽيليفون تي رابطو ٿيو آهي، جنهن ۾ خطي جي صورتحال ۽ سياسي و سفارتي حل ڳولڻ جي ڪوششن تي تفصيلي ڳالهيون ڪيون ويون.ايراني ميڊيا موجب پرڏيهي وزير عباس عراقچي ۽ فيلڊ مارشل عاصم منير وچ ۾ ٿيل ان گفتگو دوران سفارتي لاڙن ۽ هاڻوڪي علائقائي صورتحال جو جائزو ورتو ويو.ٻنهي اڳواڻن موجودهه صورتحال جي مختلف پاسن، ٻه طرفي مشاورت ۽ سهڪار کي وڌائڻ جي طريقن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ايراني ميڊيا موجب ٻنهي طرفن کان هاڻوڪي سفارتي عمل کي اڳتي وڌائڻ ۽ باهمي سهڪار کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو.










