نيويارڪ (ويب ڊيسڪ)آمريڪي نائب صدر جي ڊي وينس ايران کي خبردار ڪيو ته آمريڪي فوجي ڪارروائي جي ڌمڪين کي سنجيدگي سان ورتو وڃي.آمريڪي نشرياتي اداري فاڪس نيوز سان ڳالهائيندي جي ڊي وينس چيو ته صدر ٽرمپ واضح ڪري ڇڏيو آهي ته ايران کي ايٽمي هٿيار حاصل ڪرڻ جي اجازت نه ٿي ڏئي سگهجي.آمريڪي نائب صدر جي ڊي وينس چيو ته صدر ڊونلڊ ٽرمپ ايران سان ايٽمي تڪرار کي سفارتڪاري ذريعي حل ڪرڻ چاهي ٿو ۽ اميد رکي ٿو ته ايراني عملدار ايندڙ ڳالهين ۾ هن موقف کي سنجيدگي سان وٺندا.هن چيو ته صدر ٽرمپ سفارتڪاري ذريعي هي مقصد حاصل ڪرڻ چاهي ٿو، پر آمريڪا وٽ ٻيا آپشن به آهن.تهران جي ايٽمي پروگرام تي آمريڪا ۽ ايراني وفدن جي وچ ۾ ڳالهين جو ٽيون دور اڄ جنيوا ۾ منعقد ٿيندو.جي ڊي وينس اميد ظاهر ڪئي ته ايران ڳالهين دوران سفارتي حل لاءِ صدر ٽرمپ جي ترجيح کي سنجيدگي سان وٺندو.










