اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ايران جو صدر مسعود پزيشڪيان اڱاري جي ڏينهن پاڪستان جو دورو ڪندو.ايران جي سرڪاري خبرون ڏيندڙ ايجنسي موجب، ايراني صدر جي آفيس جي پبلڪ رليشنز (لاڳاپا عامہ) شعبي جي ڊائريڪٽر حبيب الله عباسي ٻڌايو آهي ته ان دوري جو مقصد آمريڪا-ايران ثالثي لاءِ پاڪستان جي ڪوششن کي ساراهڻ ۽ پاڪستان جي وزيراعظم شهباز شريف جو ٿورو مڃڻ آهي.ياد رهي ته اهو دورو اهڙي وقت ۾ ٿي رهيو آهي، جڏهن گذريل ڏينهن سوئٽزرلينڊ ۾ ايران ۽ آمريڪا جي وچ ۾ پاڪستان ۽ قطر جي ثالثي سان ڳالهين جي شروعات ٿي آهي.










