ايراني صدر جي دوري سان پاڪ سعودي لاڳاپا متاثر نه ٿيندا: رانا

ايراني صدر جي دوري سان پاڪ سعودي لاڳاپا متاثر نه ٿيندا: رانا

شيخوپوره: (ويب ڊيسڪ) قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وفاقي وزير رانا تنوير حسين چيو آهي ته ايراني صدر جو پاڪستان جو دورو انتهائي اهميت جو حامل آهي، پر ان سان پاڪستان ۽ سعودي عرب جا ڀائراڻا لاڳاپا متاثر نه ٿيندا.شيخوپوره ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي رانا تنوير حسين جو چوڻ هو ته سعودي عرب تي حملي کانپوءِ سعودي حڪومت صبر ۽ تحمل جو مظاهرو ڪيو جڏهن ته قطر جو ڪردار به مثبت ۽ مثالي رهيو، پاڪستان خطي ۾ امن ۽ استحڪام جي فروغ لاءِ متوازن ۽ ذميواراڻي سفارتڪاري تي عمل ڪري رهيو آهي. وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم شهباز شريف جو تازو چين جو دورو سندس اهم ترين پرڏيهي دورن مان هڪ ثابت ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ چين سان زراعت، تحقيق، ٽيڪنالاجي ۽ سيڙپڪاري جي شعبن ۾ سهڪار کي وڌيڪ هٿي ملندي. هن ٻڌايو ته ايران سان زرعي شين جي واپار ۽ برآمدات کي وڌائڻ لاءِ پڻ اڳڀرائي جاري آهي. رانا تنوير حسين جو چوڻ هو ته حڪومت نوجوانن کي روزگار، هنرمندي ۽ بنا وياج جي قرضن جي فراهمي تي خاص ڌيان ڏئي رهي آهي، صنعتن جي فروغ سان ملڪ ۾ روزگار جا نوان موقعا پيدا ٿيندا. سياسي صورتحال تي ڳالهائيندي وفاقي وزير چيو ته حڪومت اڄ به ڳالهين لاءِ تيار آهي ۽ مثبت سياست ئي سمورن مسئلن جو حل آهي، 9 مئي جهڙا واقعا ڪنهن به صورت ۾ قبول جوڳا ناهن، رياست پنهنجي رٽ تي ڪو به ٺاهه نه ڪندي. هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن حالتون سازگار رهيون ته پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ وڌيڪ گهٽتائي جي اميد آهي. رانا تنوير حسين اپوزيشن جي مثبت ٻولي ۽ رويي کي خوش آئند قرار ڏيندي چيو ته پاڪستان تازو ئي سفارتي محاذ تي تاريخي ڪاميايون حاصل ڪيون آهن ۽ خطي ۾ امن جي قيام لاءِ پاڪستان جي ڪردار کي عالمي سطح تي ساراهيو پيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو