قم)ويب ڊيسڪ) ايران جي اڳوڻي سپريم ليڊر شهيد آيت الله سيد علي خامنه اي ۽ سندس گهرڀاتين جي نمازِ جنازه قم شهر ۾ ادا ڪئي وئي. ايران جي نيم سرڪاري خبرون ڏيندڙ اداري تسنيم نيوز ايجنسي موجب، نمازِ جنازه شهر جي ٻاهران واقع مسجد جمڪران ۾ ادا ڪئي وئي جنهن ۾ هزارين سوڳوارن شرڪت ڪئي. نمازِ جنازه کانپوءِ شهيد علي خامنه اي جي مڙهه (جسدِ خاڪي) کي عراق نيئو ويندو، جنهن کانپوءِ خميس ڏينهن تدفين لاءِ ايران جي شهر مشهد منتقل ڪيو ويندو.
ڌمڪيون جاري رهيون ته حتمي معاهدي تي ڳالهيون شروع نه ٿينديون، پنهنجي صحيح جي عزت ڪريو: ايراني پرڏيهي وزير
ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي چيو آهي ته جيڪڏهن ڌمڪيون جاري رهيون ته حتمي معاهدي تي مذاڪرات شروع نه ٿيندا. سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ۾ هن چيو ته لکن ايرانين آيت الله خامنه اي کي خراجِ عقيدت پيش ڪرڻ لاءِ جنازي ۾ اتحاد جو مظاهرو ڪيو، نه ئي ايراني عوام ۽ نه ئي اسان جي بهادر هٿياربند فوج ڪنهن به ڌمڪيءَ کان متاثر ٿئي ٿي. عباس عراقچي جو چوڻ هو ته مفاهمتي ياداشت جي شق نمبر 13 واضح آهي، ڌمڪين جي تسلسل ۾ حتمي معاهدي تي ڳالهين جي شروعات نه ٿيندي. هن وڌيڪ چيو ته پنهنجي صحيح (دستخط) جو احترام ڪريو.
ايران پاران آبنائي هرمز ۾ ڪمرشل جهازن تي ميزائل حملا، آمريڪي نيوز ويب سائيٽ جي دعويٰ
دبئي: آمريڪي نيوز ويب سائيٽ دعويٰ ڪئي آهي ته ايران آبنائي هرمز ۾ ڪمرشل جهازن تي ميزائل فائر ڪيا آهن. آمريڪي نيوز ويب سائيٽ موجب، پاسدارانِ انقلاب آبنائي هرمز مان گذرندڙ جهازن تي گهٽ ۾ گهٽ 2 ميزائل داغيا. حملي سبب ڪمرشل جهازن کي نقصان پهتو، پر ڪو جاني نقصان نه ٿيو. برطانوي ميري ٽائيم ٽريڊ آپريشنز ايجنسي موجب، عمان جي شهر ليماه جي اوڀر ۾ لڳ ڀڳ 8 ناٽيڪل ميلن جي فاصلي تي هڪ آئل ٽينڪر کي گولو لڳو، جنهن ڪري جهاز ۾ باهه لڳي وئي. واقعي ۾ ڪنهن جاني يا ماحولياتي نقصان جو اطلاع ناهي مليو.
ايران جي شهيد سپريم ليڊر آيت الله علي خامنه اي جو مڙهه هيلڪاپٽر ذريعي قم شهر پهچايو ويو
قم: ايران جي شهيد سپريم ليڊر آيت الله خامنه اي جو مڙهه هيلڪاپٽر ذريعي قم شهر پهچايو ويو آهي، جتي اڄ جلوس ۽ دعائيه تقريبون ٿينديون.ان کان اڳ تهران ۾ نمازِ جنازه ادا ڪئي وئي جتي روسي ميڊيا موجب آيت الله خامنه اي جي جنازي جي جلوس ۾ 1 ڪروڙ کان وڌيڪ ماڻهن شرڪت ڪئي. ماڻهن جو تعداد ايترو گهڻو هو جو اهو هجوم خلا مان به ڏسي پئي سگهيو. ايراني ميڊيا موجب، سومر ڏينهن تهران ۾ خامنه اي ۽ سندس گهرڀاتين جي جنازي جي جلوس ۾ مقامي ۽ پرڏيهي 1 ڪروڙ 20 لک کان وڌيڪ ماڻهن شرڪت ڪئي. جنازي جو جلوس امام حسين اسڪوائر، انقلاب اسڪوائر، آزادي اسڪوائر ۽ شهيد لشڪري هاءِ وي تان ٿيندو 12 ڪلاڪن کانپوءِ مهرآباد ائيرپورٽ تي ختم ٿيو.شهيد آيت الله علي خامنه اي ۽ گهرڀاتين جون ميتون 8 جولاءِ تي عراق جي شهرن نجف ۽ ڪربلا نيون وينديون ۽ 9 جولاءِ تي مشهد ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيون وينديون.خبرون ڏيندڙ ايجنسي رائٽرز موجب، جنازي جو جلوس قومي سطح تي الوداعي تقريب کان وڌيڪ هو. هي جلوس جنگ کانپوءِ مزاحمت جي علامت هو ۽ ان ۾ ماڻهن جو ڇوليون هڻندڙ سمنڊ موجود هو.ماهرن جي حوالي سان رائٽرز جو چوڻ آهي ته شريڪ ٿيندڙن آمريڪا ۽ اسرائيل کي پيغام ڏنو ته ايران جا ٽڪرا ٽڪرا ڪرڻ جي ڪوشش ناڪام ٿي وئي. ايران ان جنگ ۾ محفوظ رهيو آهي ۽ اها ئي بقا ۽ مزاحمت ايران جي مذاڪراتي حڪمتِ عملي جو بنياد بڻجندي. ماهرن موجب، هن جنازي جي جلوس آبنائي هرمز تي ايران جو اثر رسوخ وڌايو آهي ۽ ان کي ان لائق بڻايو آهي ته نييوڪليئر پروگرام تي ڪا به ڊيل ان ڳالهه کي مڃڻ سان جڙيل هوندي ته ان آبنائي کي ايران ڪنٽرول ڪري ٿو.










