اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ايراني سفارتخاني ڪيچ ضلعي ۾ پاڪستاني فورسز تي دهشتگرد حملي جي سخت مذمت ڪئي آهي. ايراني سفارتخاني جي ترجمان موجب سفارتخانو دهشتگرد حملي ۾ حياتيون وڃائيندڙن جي پونيئرن سان همدردي جو اظهار ڪري ٿو ۽ شهيدن لاءِ دعاڳو آهي.ايراني سفارتخاني جي بيان ۾ چيو ويو آهي ته دهشتگردي ٻنهي ملڪن جو گڏيل مسئلو آهي ۽ ان خلاف ٻنهي ملڪن قيمتي جانين جو نذرانو پيش ڪيو.بيان موجب بنا ڪنهن شڪ جي ٻئي ملڪ گڏيل سهڪار کي مضبوط بڻائي دهشتگرد گروهن جا ناپاڪ مقصد روڪي سگهن ٿا.










