راولپنڊي ( ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ اڳواڻ بئريسٽر گوهر خان چيو آهي ته اسان جي حڪومت جي فارن پاليسي بهترين هئي. سمورن ملڪن سان سٺا لاڳاپا هئا. اڊيالا جيل ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي بئريسٽر گوهر خان چيو ته بلاول پرڏيهي وزير ٿيو افغانستان نه ويو، بلاول جاپان تائين ويو پر پنهنجي پاڙيسري ملڪن جو دورو نه ڪيو، هن ايران بابت چيو ته پاڪستان کي اهو جواب ڏيڻ گهرجي جيڪو ڪو به خود مختيار ملڪ در اندازي جي خلاف ڏيندو، هن چيوته اسان اليڪشن جو بائيڪاٽ نه ڪنداسي، بئريسٽر گوهر خان چيو ته ڪيترن ئي ماڻهن کي نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائڻ جو موقعو ناهي ڏنو ويو. هن چيو ته چونڊون صاف ۽ شفاف ٿيڻ گهرجن. جڏهن اليڪشن ٿئي تڏهن زور زبردستي وارا رستا اختيار نه ڪجن، هن چيو ته اميد آهي ته سپريم ڪورٽ اهڙا حڪم جاري ڪندي، چونڊ نشان وٺڻ تي اسان نظر ثاني اپيل داخل ڪنداسين.










