اياز گل احساسات ۽ ناصره زبيري جديد لهجي جا شاعر آهن

اياز گل احساسات ۽ ناصره زبيري جديد لهجي جا شاعر آهن

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سنڌ جي مشهور شاعر اياز گل جي شاعريءَ جو هڪ منفرد انداز آهي، سندس ٻارن لاءِ شاعري به سندس ٻين شاعريءَ کان نرالي آهي. اياز گل احساسات جو شاعر آهي. ٻارن لاءِ هن جو تازو ڪتاب، ’ننڊ پري‘ به سندس بي ڪتابن جيان تيزي سان مقبول ٿي رهيو آهي. سنڌي ٻولي جي شاعره ڊاڪٽر نويده ڪٽپر نوجوان نسل جي اڀرندڙ شاعره آهي، نئين نسل جي اديبن مان ادب ۾ تمام گهڻيون اميدون آهن. ناصره زبير جديد لهجي جي شاعره آهي. اهڙن خيالن جو اظهار افتخار عارف انسٽيٽيوٽ آف ادب ۽ ثقافت پاران سنڌ مان آيل مهمان شاعرن اياز گل، ناصره زبيري ۽ ڊاڪٽر نويده ڪٽپر جي اعزاز ۾ ڪوٺايل تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي اياز گل جي ٻارن جي شاعريءَ جي نئين ڪتاب ”ننڊ پري“ بابت پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.

اختر تزين، افشان عباسي، ڊاڪٽر رشيد حميد، منظور علي ويسريو، فرزانه خان، سعيده طارق، اڪبر حسين اڪبر، بلال ڊار، حفيظ خان، طارق شاهد، اياز گل، افتخار عارف، ناصره زبير ۽ ڊاڪٽر نويده ڪٽپر.

اياز گل چيو ته ٻارن لاءِ لکيل سندس ڪتاب ”گل ۽ تارا“ 1979ع ۾ ڇپيو. ٻارن لاءِ پيار مان لکيل آهي. ٻارن جو ٻيو نالو پيار آهي ۽ مون کي ٻارن سان پيار آهي. ٻارن لاءِ لکڻ تمام گهڻي خوشي جي ڳالهه آهي، سنڌي ادب ۾ ٻارن لاءِ تمام گهٽ لکيو پيو وڃي. ٻارن لاءِ لکڻ تمام ضروري آهي. ٻار اسان جو مستقبل آهن. اسان کي سندن ادب تي ڌيان ڏيڻ گهرجي ۽ ٻارن جي ادب تي هر حڪومتي سطح تي ڪم ٿيڻ گهرجي. تقريب ۾ حفيظ خان، اختر تازين، اڪبر حسين اڪبر، مظهر برلاس، ڊاڪٽر رشيد حميد، افشان عباسي، منطور علي ويسريو، بلال ڊار، سعيده طارق، فرزانه خان، محمد انعام، اويس جان ۽ ٻين شرڪت ڪئي. مهمانن جو شڪريو ادا ڪندي طارق شاهد چيو ته اياز گل، ناصره زبيري ۽ ڊاڪٽر نويده ڪٽپر سنڌي ۽ اردو ادب ۾ اهم نالا آهن. اياز گل جي سنڌي شاعري ۽ خاص ڪري ٻارن لاءِ لکيل نظمون اسان جي ادب جو اثاثو آهن. ادارا ادب جي صدر افشان عباسي آيل مهمانن جو شڪريو ادا ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو