ڍاڪا: (ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سان ڀارتي پرڏيهي وزير ملاقات ڪئي. ڀارتي پرڏيهي وزير جي شنڪر پاڻ اچي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اياز صادق سان هٿ ملايو.ذريعن موجب بنگلاديش جي راڄڌاني ۾ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سان ڀارتي پرڏيهي وزير جي شنڪر جي ملاقات اڳوڻي وزيراعظم خالده ضياءَ جي وفات کان پوءِ اتي پهچڻ جي موقعي تي ٿي آهي.اها اهم ملاقات اڳوڻي بنگلاديشي وزيراعظم خالده ضياءَ جي رهائشگاهه تي ٿي، جتي ڀارتي پرڏيهي وزير قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اياز صادق جي سيٽ تي آيو ۽ انهي سان هٿ ملايو. سردار اياز صادق به مسڪرائيندي انهي سان هٿ ملائيندي جواب ڏنو.قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ۽ ڀارتي پرڏيهي وزير وچ ۾ ڪجهه منٽن جي ڳالهين دوران هڪ ٻئي جي خيريت پڇا ڪئي انهي دوران ٻنهي ڄڻن وچ ۾ خير خيريت بابت ڳالهين جي به ڏي وٺ ٿي. ياد رهي ته پاڪ ڀارت جنگ کان پوءِ اعليٰ سطح تي ٻنهي ملڪن جا اڳواڻ پهريون ڀيرو آمهون سامهون ٿيا آهن.










