اسلام آباد(بيورو رپورٽ)نيو اسلام آباد ايئرپورٽ،حيسڪو ۽ سيپڪو کي نجي شعبي حوالي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
وزيراعظم جي نجڪاري بابت صلاحڪار محمد علي جي صدارت هيٺ نجڪاري ڪميشن بورڊ جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ حيدرآباد اليڪٽرڪ سپلاءِ ڪمپني ۽ سکر اليڪٽرڪ سپلاءِ ڪمپني جي نجڪاري لاءِ ٽرانزيڪشن ڪميٽي قائم ڪئي وئي.
بورڊ جي اجلاس ۾ هائوس بلڊنگ فنانس ڪمپني جي نجڪاري جو موجوده عمل ختم ڪرڻ جي سفارش ڪئي آهي، جڏهن ته ان جا 51 سيڪڙو شيئر ٻيهر نيلامي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو.
انهيءَ سان گڏ پاڪستان مورٽگيچ ري فنانس ڪمپني جي 4.2 ارب رپين واري ٻولي رد ڪئي وئي، ڇاڪاڻته هن ڪمپني جي ريفرنس قيمت 13 ارب 55 ڪروڙ رپيا هئي.
نجڪاري بورڊ اسلام آباد انٽرنيشنل ايئرپورٽ کي نجڪاري پروگرام ۾ شامل ڪرڻ جي سفارش پڻ ڪئي، جنهن تي بورڊ نيو اسلام آباد ايئرپورٽ لاءِ ڪنسيشن ماڊل اختيار ڪرڻ جو فيصلو ڪيو، جڏهن ته ايئرپورٽ جي نجڪاري ۾ گورنمينٽ ٽو گورنمينٽ ماڊل رد ڪري کليل ٻولي (اوپن بڊنگ) جو رستو اختيار ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو.










