اسلام آباد(بيورو رپورٽ) آئل اينڊ گيس ريگوليٽري اٿارٽي (اوگرا) گيس جي قيمتن ۾ 14 سيڪڙو واچ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. اوگرا جي وڌايل قيمتن جي حتمي منظوري وفاقي حڪومت ڏيندي جنهن بعد لاڳو ڪيون وينديون. سئي ناردرن گيس ڪمپني جي قيمتن ۾ 14 سيڪڙو يعني 86 روپيا 93 پيسا في ايم ايم بي ٽي يو وڌائڻ جي منظوري ڏيڻ بعد نئين قيمت 686 روپيا 77 پيسا منعق1د ڪئي وئي آهي. سئوي سدرن گيس ڪمپني جي قيمتن ۾ 7 سيڪڙو وڌ يعني 54 روپيا 47 پيسا واڌ ڪندي نئين قيمت 779 روپيا 88 پيسا في ايم ايم بي ٽي يو مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي آهي.










