اوگرا جو آپريشن: ريموٽ ذريعي گهٽ پيٽرول ڏيندڙ پمپ سيل

اوگرا جو آپريشن: ريموٽ ذريعي گهٽ پيٽرول ڏيندڙ پمپ سيل

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)آئل اينڊ گيس ريگيوليٽري اٿارٽي (اوگرا) شيخوپوره ۾ ريموٽ ڪنٽرول ذريعي 50 سيڪڙو گهٽ پيٽرول فراهم ڪرڻ وارا 2 پيٽرول پمپ سيل ڪري ڇڏيا آهن. پوليس فراڊ ۾ ملوث 6 ڄڻن کي حراست ۾ به ورتو آهي.اوگرا ترجمان موجب شيخوپوره ۾ ضلعي انتظاميا جي حصي کان گهٽ پيٽرول فراهم ڪندڙ پمپن خلاف ڪارروائي ڪئي وئي، 2 پيٽرول پمپن جي ڊسپينسرن ۾ نصب ڊجيٽل ڊوائيس ضبط ڪيا ويا. اوگرا ترجمان جو چوڻ آهي ته انهن پمپن تي 50 سيڪڙو گهٽ پيٽرول ريموٽ ڪنٽرول ذريعي ڀريو ويو.اوگرا ۽ ضلعي انتظاميا ريموٽ ڪنٽرول ڊيوائسز ضبط ڪري 6 ڄڻن کي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو