ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي سميت سڄي سنڌ ۾ اونهاري (گرمين) جون ٻه مهينن جون موڪلون ختم ٿيڻ کانپوءِ سرڪاري ۽ نجي اسڪول توڻي ڪاليج ٻيهر کلي ويا آهن، جتي تعليمي سرگرمين جو باقاعدي آغاز ڪيو ويو آهي.تعليم کاتي سنڌ جي فيصلي موجب، پهرين آگسٽ کان هفتي وار موڪل (ڇنڇر واري) پڻ ختم ٿي وئي آهي ۽ هاڻي سمورا تعليمي ادارا هفتي ۾ ڇهه ڏينهن کليل رهندا. اڄ کان نئين وقتن (ٽائمنگ) تي به عملدرآمد شروع ڪيو ويو آهي.پهرين ڏينهن سرڪاري ۽ نجي اسڪولن ۾ شاگردن جي حاضري معمول کان گهٽ رهي، جڏهن ته ڪجهه نجي اسڪولن تعليمي عمل جو آغاز 3 آگسٽ کان ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.تعليمي ادارن ۾ ٻيهر رونقون موٽي آيون آهن، ٻار اسڪول وين يا والدين سان گڏ اسڪول پهتا، جڏهن ته استادن دلچسپ ۽ سائنسي سرگرمين ذريعي شاگردن جي آجيان ڪئي ۽ کين پرجوش رکڻ جي ڪوشش ڪئي. استادن والدين کي واٽس ایپ ۽ اي ميل ذريعي نئين شيڊول ۽ ٻي اهم معلومات پڻ فراهم ڪئي. ٻئي طرف، اسڪول کلڻ سبب صبح جي وقت شهر جي رستن تي ٽريفڪ به معمول تي اچي وئي.واضح رهي ته تعليم کاتي سنڌ پاران اونهاري جون موڪلون پهرين جون کان 31 جولاءِ تائين ڏنيون ويون هيون.










