ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي مڪاني ادارن واري صوبائي وزير، وائيس چيئرمين واٽر بورڊ ۽ ايم ڊي واٽر بورڊ جي هدايتن تي اينٽي ٿيفٽ سيل واٽر بورڊ پاران ڊسٽرڪٽ ويسٽ اورنگي ٽائون ۾ قطر اسپتال ڀرسان ڪارروائي ڪري غير قانوني طور بورنگ جو پاڻي وڪرو ڪندڙ جوابدار کي گرفتار ڪري لاڳاپيل پوليس ٿاڻي تي پاڻي چوري جي نئين قانون تحت ڪيس داخل ڪري ورتو، ترجمان عبدالقادر شيخ پاران جاري ڪيل بيان م ٻڌايو ويو آهي ته انچارج اينٽي ٿيفٽ سيل واٽر بورڊ موجب گرفتار جوابدار ارشد مغل کي 1 سمر پمپ، 2 پائپ ۽ 1 اليڪٽرڪ پينل سميت گرفتار ڪيو ويو آهي، ان موقعي تي مڪاني ادارن واري صوبائي وزير، وائيس چيئرمين واٽر بورڊ ۽ ايم ڊي واٽر بورڊ جو چوڻ هو تہ شھرين جي حصي جو پاڻي چوري ڪري وڪرو ڪندڙ جوابدار ڪنهن بہ رعايت جا مستحق نہ آهن انھن خلاف آپريشن جو دائرو وڌائي کين قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻي سخت قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ آپريشن جو دائرو شهر جي مختلف علائقن تائين وڌايو وڃي.










