اورنج لائن منصوبو: بسون هن مهيني ۾ هلائڻ جي هدايت

اورنج لائن منصوبو: بسون هن مهيني ۾ هلائڻ جي هدايت

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه اورينج لائين منصوبي تي هلندڙ مهيني جي آخر تائين بسون هلائڻ جي هدايت ڪئي آهي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ بي آر ٽي ايس بابت اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ٽرانسپورٽ واري صوبائي وزير شرجيل ميمڻ، مرتضيٰ وهاب، چيف سيڪريٽري، چيئرمين پي اينڊ ڊي، سيڪريٽري ناڻي، سيڪريٽري ٽرانسپورٽ ۽ ٻين عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس دوران شرجيل ميمڻ ٻڌايو ته بي آر ٽي ۽ينج لائن تي بريفنگ ورتي آهي، اورنج لائن جا ڪجهه سول ڪم باقي آهي، ايس آءِ ڊي سي ايل کي 20 بسن جي ادائيگي ڪئي وئي آهي.ٽرانسپورٽ واري وزير چيو ته بي آر ٽي اورنج لائن 3.8 ڪلوميٽر ڪوريڊور آهي جنهن ۾ 5 بس اسٽيشنون آهن، ڪوريڊور تي 8 دروازا آهن جيڪي ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ مڪمل ٿي ويندا، اورنگي کان نارٿ ناظم آباد تائين اورنج لائن ڪوريڊور جو انفراسٽرڪچر 95 سيڪڙو مڪمل ٿي چڪو آهي.ان موقعي تي سنڌ جي وڏي وزير ماس ٽرانزٽ اٿارٽي کي هدايت ڪئي ته اورنج لائن جو ڪم مئي جي آخري هفتي تائين مڪمل ڪيو وڃي ۽ ان تي بسون هلندڙ مهيني جي آخر تائين هلايون وڃن.

پهنجو تبصرو موڪليو