اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)پي ٽي آءِ اڳواڻ ۽ اڳوڻي اسپيڪر قومي اسيمبلي اسد قيصر چيو آهي ته پي ٽي ايم کان پڇان ٿو هي ڪهڙي جمهوريت آهي؟ جيڪڏهن اهڙي سياست ڪرڻي آهي ته مارشل لا بهتر آهي.اهڙن خيالن جو اظهار پي ٽي آءِ اڳواڻ ۽ اڳوڻي اسپيڪر قومي اسيمبلي اسد قيصر ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو.هن سوال اٿاريو آهي ته اسپيڪر کي گلگت بلتستان اسيمبلي ۾ وڃڻ کان روڪڻ ڪهڙو پيغام ڏنو آهي؟پي ٽي آءِ اڳواڻ ۽ اڳوڻي اسپيڪر قومي اسيمبلي اسد قيصر وڌيڪ چيو آهي ته ملڪ ۾ آئين ناهي، هن ملڪ ۾ ڪهڙو قانون آهي؟هن چيو ته هن ملڪ سان کيڏايو پيو وڃي، دنيا ۾ اسان کي تماشو بڻايو پيو وڃي، جمهوريت کي تماشو بڻايو پيو وڃي.










