اهو ٻڌائڻ مشڪل آهي ته اسڪول ڪڏهن کلندا،سعيد غني

اهو ٻڌائڻ مشڪل آهي ته اسڪول ڪڏهن کلندا،سعيد غني

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي تعليم واري وزير سعيد غني چيو آهي ته هن وقت اهو نه ٿو ٻڌائي سگهان ته اسڪول ڪڏهن کلندا.سنڌ جي تعليم واري وزير چيو ته 25 جنوري کان پرائمري اسڪول کولڻ جي تجويز ڏني وئي آهي ، جڏهن ته فيبروري جي پهرين هفتي ۾ سيڪنڊري اسڪول کولڻ جي تجويز پيش ڪئي وئي آهي ، بعد ۾ وڏين ڪلاسن کي کولڻ جي تجويز موڪلي وئي آهي 19 جنوري تي اجلاس م حتمي فيصلو ڪيو ويندو.صوبائي وزير تعليم چيو ته اسڪول کي ٽن مرحلن ۾ کولڻ جي تجويز پيش ڪئي وئي آهي اسڪول کولڻ جو فيصلو اين سي او سي  صحت کاتي جي ڊيٽا کي ڏسڻ کانپوءِ ڪيو ويندو.سعيد غني چيو ته اهو چوڻ مشڪل آهي ته ڪڏهن اسڪول ٻيهر کلندا.پر جيڪڏهن ايس او پيز تي عمل ٿي رهيو آهي ته پوءِ لاڪ ڊائون جي ضرورت ناهي.ياد رهي ته گذريل سال سياري جي موڪلن کان پوءِ اسڪول کولڻ يا بند ڪرڻ بابت فيصلو بين الصوبائي تعليمي ڪميٽي جي اجلاس ۾ ڪيو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو