راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) انٽر سروسز انٽيليجنس (آءِ ايس آءِ) جو برگيڊيئر مصطفيٰ ڪمال برڪي ڏکڻ وزيرستان جي علائقي انگوراڊا ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ شهيد ٿي ويو.پاڪ فوج جي عام لاڳاپن واري کاتي موجب انگار اڊا ۾ دهشتگردن سان مقابلي ۾ 7 سڪيورٽي اهلڪار پڻ زخمي ٿي پيا. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته زخمين مان 2 اهلڪارن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي.ڏکڻ وزيرستان ۾ آپريشن جي اڳواڻي ڪندي برگيڊيئر مصطفيٰ ڪمال برڪي شهيد ٿي ويو، سندس تعلق انٽر سروسز انٽيليجنس سان هو.شهيد برگيڊيئر برڪي اي پي ايس حملي ۾ ملوث دهشتگردن جي خاتمي لاءِ ڪردار ادا ڪيو.برگيڊيئر مصطفيٰ ڪمال برڪي 12 آڪٽوبر 1995ع تي فرنٽيئر فورس رجمينٽ ۾ ڪميشن حاصل ڪئي.برگيڊيئر برڪي جي سوگوار پونئرن ۾ سندس زال، هڪ پٽ ۽ هڪ ڌيءُ شامل آهن.










