نوشهروفيروز (رپورٽ اسد علي عمراڻي)ٺاروشاهه چوڪ تي انگور مٽائي نه ڏيڻ جي معمولي ڳالهه تان سيد ۽ مهر برادري جي ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو لٺين، سروٽن ۽ ڏنڊن لڳڻ جي نتيجي ۾ ٻنهي ڌرين جا ڏهه ڄڻا زخمي ٿي پيا زخمين ۾ انيل شاهه، رحمان شاهه، صدام شاهه، غلام شاهه، نورمحمد مهر ، عاقب مهر ، مشتاق مهر، شيراز مهر، الطاف، مرتضي شامل آهن جن کي سول اسپتال نوشهروفيروز ۾ داخل ڪيو ويو آهي جتي نوشهروفيروز پوليس پهچي وئي. جڏهن ته واقعي جو ڪيس داخل ناهي ٿي سگهيو۔










