لنڊن(ويب ڊيسڪ)انگلش ڪائونٽي ڪرڪيٽ ڪلب لنڪاشائر جي نمائندگي ڪندڙ قومي ٽيم جي فاسٽ بالر حسن علي شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندي وڏو ايوارڊ کٽي ورتو. حسن علي، لنڪاشائر لاءِ کيڏندي گذريل مهيني ٻن اننگز ۾ پنج وڪيٽون ورتيون. حسن علي هيمپشائر خلاف پهرين اننگز ۾ 5 ۽ ٻي اننگز ۾ هڪ وڪيٽ ورتي هئي جڏهن ته ان کان اڳ گلوسٽر شائر خلاف ميچ ۾ حسن علي هڪ اننگ ۾ 6 ۽ ٻئي اننگ ۾ 3 وڪيٽون ورتيون هيون. جنهن تي سندس ڪائونٽي کيس خوب خراج پيش ڪندي سندس صلاحيتن جو اعتراف ڪيو.










