انڪم ٽيڪس ريٽرن صرف اليڪٽرانڪ ذريعن سان جمع ڪرائڻ جي تجويز منظور

انڪم ٽيڪس ريٽرن صرف اليڪٽرانڪ ذريعن سان جمع ڪرائڻ جي تجويز منظور

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)قومي اسيمبلي جي ناڻي بابت قائمه ڪميٽي انڪم ٽيڪس ريٽرنز صرف اليڪٽرانڪ ذريعن سان جمع ڪرائڻ جي تجويز منظور ڪري ورتي آهي. ايف بي آر اختيارين موجب، انڪم ٽيڪس ريٽرن صرف “آئرس” (Iris) ذريعي اليڪٽرانڪ طور تي جمع ڪرائڻ لازمي هوندو. ايف بي آر اختيارين ٻڌايو ته ڪمپنين جا مالي گوشوارا (فنانشل اسٽيٽمينٽس) به مشين ريڊيبل فارميٽ ۾ جمع ٿيندا.ايف بي آر اختيارين وڌيڪ ٻڌايو ته اسان 2013ع کان مئنيوئل ريٽرنز جمع نه ڪري رهيا آهيون، گوجرانوالا سميت ڪجهه شهرن مان اڃا به ريٽرنز مئنيوئلي (هٿ سان) جمع ٿي رهيا هئا، هاڻي مڪمل طور تي ريٽرنز اليڪٽرانڪ جمع ڪرائڻ جي تجويز شامل ڪئي وئي آهي. ايف بي آر موجب، الگورٿمڪ سيٽلمينٽ ميڪنزم (Algorithmic Settlement Mechanism) قبول ڪندڙن لاءِ ريوائزڊ ريٽرن جي سهولت واري تجويز به منظور ڪئي وئي آهي، الگورٿمڪ سيٽلمينٽ تحت ريٽرن تي ڪمشنر جي اڳواٽ منظوري جي ضرورت نه هوندي، الگورٿمڪ سيٽلمينٽ اختيار ڪندڙ ٽيڪس ڏيندڙن (ٽيڪس پيئرز) تي الڳ ڏنڊ (جرمانو) ۽ سرچارج لاڳو نه ٿيندو.

پهنجو تبصرو موڪليو