غوثپور (ن س) غوثپور۔ شھر ڀرسان مئن انڊس ھا۽ وي تي چمني شاخ لاڙو واري علائقي ۾ تيز رفتار ٽرالر جو روڊ ڪراس/پار ڪندڙ معصوم نينگري کي ٽڪر لڳڻ سبب اٺن ورھين جي نينگري مريم عرف ريما ڀيو چيڀاٽجي فوت ٿي ويئي۔ رابطي ڪرڻ تي وارثن بشير ڀيو ميڊيا کي ٻڌايو ته نينگري ڳوٺ قياس ڀيو ۾ ڪنھن فوتگي جي سلسلي ۾ حيدرآباد کان ھتي آيل ھئي ۽ چمني لاڙو واري علائقي ۾ مئن ھا۽ وي تي روڊ ڪراس ڪري رھي ھئي ته سامھون ايندڙ تيز رفتار ٽرالر سان ٽڪرائجي ويئي ۽ ٿڏي تي چيڀاٽجي فوت ٿي ويئي۔ واقعي بعد موقعي تان مقامي رھواسين ٽرالر ڊرائيور کي پڪڙي پوليس حوالي ڪيو ۽ پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي ٽرالر کي پنھنجي ۾ تحويل ۾ وٺي واقعي جي اين سي داخل ڪري وڌيڪ جاچ ڪري رھي آھي۔










