انڊس هاءِ وي تي ڳڙهي ياسين وٽ حادثو، هڪ فوت 3 زخمي

ڳڙهي ياسين(ن س) شڪارپور لاڙڪاڻو روڊ انڊس ھاءِ وي تي ڳوٺ مھر منگي وٽ روڊ حادثي ۾ هڪ فوت عورت سميت ٽي ڄڻا زخمي ٿي پيا. روجھاڻ جمالي واسي مھراڻ ڪارسوار سيوهڻ کان زيارت ڪرڻ بعد  پنھنجي ڳوٺ وڃي رھيا ھئا ته شڪارپور کان لاڙڪاڻي ويندڙ ٽرڪ سان ٽڪر ٿي پيو جنھن جي نتيجي ۾  نانڪ رام ، بخش، سنجي ڪمار، ڪار ڊرائيورنصيب الله  ۽ مسمات عائشه سخت زخمي ٿي پيا اطلاع تي ڳڙھي ياسين پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي زخمين کي  ڳڙھي ياسين اسپتعال آندو جتي زخمن جا سور نه سھندي نانڪ رام فوت ٿي ويو جڏھن ته عورت سميت 3 زخمين کي لاڙڪاڻي اسپتال اماڻيو ويو پوليس ٽرڪ پنھنجي تحويل ۾ وٺي ٿاڻي تي بيھاري ڇڏيو جڏھن ته ٽرڪ ڊرائيور فرار ٿي ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو