خانپور (زبيرگل) انڊس هاءِ وي تي رحيم آباد لاڙو وٽ ڪوهيڙي جي ڪارڻ ٽرڪ جي اوچتو بريڪ لڳڻ سان پويان ايندڙ ويگن ٽرڪ سان ٽڪرائجي وئي ان جي پويان ايندڙ ٽرالر موٽر سائيڪلن ۽ ويگن سان ٽڪرائجي وئي جنهن جي نتيجي ۾ ٽرڪ ڊرائيور ڊيره غازي خان واسي ثناءُ الله بلوچ زخمن جي سٽ نه سهندي فوت ٿي ويو.

جڏهن ته ٽرڪ ڪلينر دلشاد بلوچ، پارڪو ڪمپني جو ملازم موٽر سائيڪل سوار شڪارپور واسي ارباب لاشاري، پوليس اهلڪار فيضو واسي محمد امين ڀيو، خانپور واسي گلزار آرائين، سائيڪل واسي غلام علي جتوئي، هاشم جتوئي، واٽهڙو الهداد ملڪ زخمي ٿي پيا جن کي موجود ماڻهن اسپتال آندو جتي کين طبي امداد ڏني وئي. ٻئي طرف حادثي ۾ فوت ٿيندڙ ٽرڪ ڊرائيور ثناءُ الله بلوچ جو مڙهه ضروري ڪارروائي بعد ڊيره غازي خان کان روانو ڪيو ويو.










