انڊس هاءِ وي تي حادثو 2 فوت هڪ زخمي

مانجهند(مهراڻ عمراڻي) سن ويجهو انڊس هاءِ وي پل وٽ ڪار ۽ ٽرالر ۾ آمهون سامهون ٽڪر ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾،ٻهه ڄڻا ڪارسوار 55 ساله احمد علي کوکر ۽ 60 ساله اعجاز علي ڀٽي موقعي ئي فوت ٿي ويا،جڏهن ته هڪ ڄڻوزخمي ٿي پيو، واقعي جو اطلاءُ وڏا ڇڇر پوليس کي ڪيو ويو پرحسب معمول پوليس دير سان پهتي،موقعي تان ٽرالر ڊرائيور فرار ٿي ويو، زخمي ۽ فوتين جا لاش اڌ ڪلاڪ تائين واقعي واري هنڌ پيل رهيا، جڏهن ته  مقامي ماڻهن فوتين ۽ زخمي کي کڻائي ويجهي اسپتال صحت سينٽر سن آندا جتان ضروري ڪاروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيا ويا ۽ زخمي جي حالت نازڪ هجڻ سبب کيس حيدرآباد اسپتال منتقل ڪيو ويو، واضع رهي ته وڏا ڇڇر پوليس ٽرالر کي تحويل ۾ وٺي ٿاڻي تي بيهاري ڇڏيو آهي جڏهن ته آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو