ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)انٽر بئنڪ مارڪيٽ ۾ ڊالر جي قيمت ۾ واڌ جو سلسلو جاري آهي. گذريل انٽر بئنڪ مارڪيٽ ۾ ڊالر جي قيمت ۾ واڌ جو سلسلو جاري رهيو ۽ ڊالر 200 رپين تائين پهچي ويو، جڏهن ته گذريل ڪاروباري هفتي دوران آمريڪي ڊالر 7 رپيا 61 پئسا مهانگو ٿي 200 رپيا 14 پئسا تي بند ٿيو. واپاري هفتي جي پهرين ڏينهن سومر تي واپار جي شروعات تي ڊالر 6 پئسا مهانگو ٿي 200 رپيا 20 پئسا ٿي ويو. انٽر بئنڪ ٽريڊ دوران ڊالر جي قيمت ۾ 80 پئسا وڌيڪ واڌ ٿي، جنهن کان پوءِ ڊالر هن وقت 201 رپين تي واپار ڪري رهيو آهي.










