ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)اڄ انٽر بئنڪ ۽ اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر جي قيمت ۾ گهٽتائي ٿي آهي.انٽر بئنڪ ايڪسچينج ۾ ڊالر جي قيمت ۾ 97 پئسا گهٽتائي کانپوءِ ڊالر 287 رپيا ٿي ويو.ڪالهه انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 287 رپيا 97 پئسا تي بند ٿيو.ٻئي طرف اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر اڍائي رپيا سستو ٿيڻ کانپوءِ ڊالر 295 رپيا 50 پيسا تي موجود آهي.پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ اڄ ڪاروبار جو ملا جلا رجحان ڏٺو پيو وڃي.پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج 100 انڊيڪس 39 پوائنٽن جي واڌ سان 41 هزار 577 تي پهچي ويو.ڪالهه 100 انڊيڪس 41 هزار 538 پوائنٽس تي بند ٿيو.










