اسلام آباد (رپورٽ اياز مهر) ڪامن ويلٿ يعني دولت مشترڪه جي مبصر گروپ جي سربراهه چيو آهي ته انٽرنيٽ ۽ موبائيل سروس معطل ڪرڻ کان وڌيڪ اهم ڳالهه اها آهي ته ووٽر پنهنجو ووٽ آزادانه انداز ۾ڪاسٽ ڪري رهيا آهن يا نه. دولت مشترڪه جي مبصر گروپ اسلام آباد جي مختلف پولنگ اسٽيشنن جو دورو ڪيو ۽ ٻاهرين ملڪ مان آيل مبصرن، صحافين ۽ مبصرن ووٽنگ جي صورتحال جو جائزو ورتو. ڪامن ويلٿ جي مبصرن جي 25 رڪني وفد اين اي 47 اسلام آباد جي مختلف پولنگ اسٽيشنن جو دورو ڪيو ۽ پولنگ عمل کي شفاف قرار ڏيندي اطمينان جو اظهار ڪيو. گروپ جي سربراهه ڊاڪٽر گڊ لڪ جوناٿن چيو ته جڏهن انٽرنيٽ ۽ موبائيل فون ايجاد نه ٿيا هئا ان وقت به چونڊ ٿيندي هئي، اسان لاءِ اهم اهو آهي ته ووٽرن کي ووٽ ڏيڻ ۾ رڪاوٽ نه هجي.










