انفارميشن ٽيڪنالاجي جي برآمدات ۾ 38 سيڪڙو اضافو

انفارميشن ٽيڪنالاجي جي برآمدات ۾ 38 سيڪڙو اضافو

اسلام آباد (بيورو) هلندڙ مالي سال دوران انفارميشن ٽيڪنالاجي (آءِ ٽي) شعبي جي قومي برآمدات ۾ 38 سيڪڙو جو اضافو ٿيو آهي. اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان (ايس بي پي) جي هڪ رپورٽ موجب، گذريل مالي سال جي ڀيٽ ۾ هلندڙ مالي سال جي جولاءِ-مارچ دوران آئي ٽي برآمدات ۾ 38 سيڪڙو واڌ ٿي 1.9 بلين ڊالر ٿي وئي. واضح رهي ته مارچ 2021ع ۾ ايڪسپورٽ مان 9209 ملين ڊالر ڪمايا هئا جڏهن ته مارچ 2022ع دوران برآمدات جو حجم 9259 ملين ڊالر تائين پهچي ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو