انسٽاگرام، فيس بڪ ۽ واٽس ايپ تي طالبان جا اڪائونٽ بند

واشنگٽن(ويب ڊيسڪ) انسٽاگرام، فيسبڪ ۽ واٽس ايپ طالبان جا سمورا اڪائونٽ بند ڪندي عام صارفين کي خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن طالبان کي هيرو ڪري پيش ڪندڙ ويڊيو جاري ڪيون ويون ته انهن جا اڪائونٽ به بند ڪيا ويندا. افغانستان جي مفرور صدر اشرف غني جو فيس بڪ اڪائونٽ به بند ڪيو ويو آهي. ڪمپني جو چوڻ اهي ته آمريڪا پارا طالبان تي پابندي آهي ۽ ان تي عمل ڪندي اهڙو فيصلو ڪيو ويو آهي. طالبان پاران جاري ڪيل واٽس ايپ هيلپ لائن ڱي به بلاڪ ڪيو ويو آهي. ڪمپني انتظاميا جو چوڻ آهي ته مختلف ٻوليون ڄاڻيندڙ ماهرن تي ٻڌل هڪ ٽيم به جوڙي وئي آهي، جيڪا ان سلسلي ۾ اڪائونٽن کي مانيٽر ڪندي ۽  شڪي اڪائونٽ هٽايا ويندا. گڏوگڏ انتظاميا چيو آهي ته نئين پاليسي واٽس ايپ ۽ انسٽاگرام تي به لاڳو ٿيندي.

پهنجو تبصرو موڪليو