انساني حقن جو علمبردار ڊاڪٽر مهدي حسن فوت ٿي ويو

انساني حقن جو علمبردار ڊاڪٽر مهدي حسن فوت ٿي ويو

لاهور: مشهور تجزيه نگار، دانشور، ڪالم نگار ۽ صحافت جو استاد پروفيسر ڊاڪٽر مهدي حسن لاڏاڻو ڪري ويو. پروفيسر ڊاڪٽر مهدي حسن جي خانداني ذريعن سندس وفات جي تصديق ڪئي آهي. ڊاڪٽر مهدي حسن 30 سالن کان پنجاب يونيورسٽي جي ڪميونيڪيشن ڊپارٽمينٽ سان وابسته رهيو آهي، ان کان علاوه مختلف تعليمي ادارن ۾ ٽيچر به رهيو آهي، هن صحافت تي به ڪتاب لکيا آهن، جيڪي يونيورسٽين ۾ پڙهايا وڃن ٿا. لڳ ڀڳ اڌ صدي تائين ڪيترائي نامور صحافي، سياستدان ۽ بيوروڪريٽس سندس شاگرد رهيا آهن. ڊاڪٽر مهدي حسن هڪ ماهر مبصر ۽ محقق هجڻ سان گڏ هڪ بهترين صحافي هو ۽ پاڪستان جي لڳ ڀڳ سڀني وڏن اخبارن ۾ ڪالم لکندو هو.  پروفيسر ڊاڪٽر مهدي حسن هيومن رائيٽس ڪميشن آف پاڪستان جو اڳوڻو چيئرمين پڻ رهيو.

پهنجو تبصرو موڪليو