انساني جسم ۾ نئين ارتقائي عمل جي دريافت

انساني جسم ۾ نئين ارتقائي عمل جي دريافت

ڪراچي (ويب ديسڪ) سائنسدانن ٻڌايو آهي ته انساني جسم ۾ ارتقا جو عمل جاري آهي ۽ انساني ٺوٺ ۾ هڪ رڳ اهڙي آهي جيڪا مسلسل ارتقا جو حصو آهي. آسٽريليا جي ايڊيليڊ يونيورسٽي جا ماهرن جي تازي تحقيق ۾ ڄاڻايو آهي ته اها ڳالهه حيرت جوڳي آهي ته انساني جسم ۾ مسلسل ارتقائي عمل جاري آهي. 19هين صدي بعد ارتقائي عمل ۾ مسلسل تيزي ڏٺي وئي آهي ۽ ان جو مک ڪارڻ هڪ رڳ ميڊين آرٽري آهي. سائنسدانن موجب ماءُ جي پيٽ ۾ هي مرڪزي شريان هوندي آهي جيڪا ٺُوٺ ۽ هٿن کي رت پهچائيندي آهي. ٻار جي پيدائش جي چند هفتن بعد هي رڳ غائب ٿي ويندي آهي ۽ ان جي جاءِ تي ريڊيل ۽ النر نالي رڳون وٺنديون آهن. هاڻي سائنسدانن جو چون آهي ته ڪجهه ماڻهن مان اها رڳ غائب نٿي ٿئي پر موجود هوندي آهي ۽ اهڙن ماڻهن جي انگ ۾ اضافو ٿي رهيو آهي. سندن چوڻ آهي ته هر ٽن مان هڪ ماڻهو ۾ اها رڳ موجود رهي ٿي ۽ ايندڙ 80 سالن تائين برقرار رهندي ۽ ان بعد اها عام ٿي ويندي. جڏهن ان رو وارن جو انگ 50 سيڪڙو ٿي ويندو ته اها جسم جو نارمل حصو بڻجي ويندي. سائنسدانن ان کي هڪ ننڍو انقلاب قرار ڏنوآهي ۽ سندن چوڻ آهي ته اڄ جي انسان م 250 سال اڳ واري انسان جي ڀيٽ م ارتقا جو عمل تيز ٿيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو