انساني اسمگلرن کي پڪڙڻ لاءِ وڏن شهرن ۾ ٽيمن جي جوڙجڪ

انساني اسمگلرن کي پڪڙڻ لاءِ وڏن شهرن ۾ ٽيمن جي جوڙجڪ

لاهور (اسٽاف رپورٽر) وفاقي جاچ ايجنسي يونان ٻيڙي حادثي کان پوءِ انساني اسمگلرن کي پڪڙڻ لاءِ سڄي ملڪ جي وڏي شهرن ۾ ٽيمون جوڙي ڇڏيون آهن ٻڌايو ويو آهي ته سوشل ميڊيا تي پاڪستاني نوجوانن کي يورپ جا خواب ڏيکاريندڙ ايجنٽ سرگرم ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي ايف آئي اي ٽڪ ٽاڪ تي محترڪ ايجنٽس جي 1000 کان وڌيڪ اڪائونٽس جي ڇنڊاڃاڻ شروع ڪري ڇڏيو ايجنٽن پاران فيس بوڪ تي 2500 کان وڌيڪ اڪائونٽ هلايا پيا وڃن واٽس ايپ جو تعداد گروپ هاڻي به ٺهيل آهن جيڪي مسلسل اپ ڊيٽس ڏين ٿا ذريعن مطابق غيرقانوني طريقي سان پاڪستان مان اٽلي موڪلڻ جو ريٽ 23 کان 25 لک رپيا ورتو وڃي ٿو سڄي ڊيلنگ ڪيش ۾ ٿئي ٿي اڌ رقم ايڊوانس ۽ اڌ پهچائڻ کان پو3 جو معاهدو ڪيو وڃي ٿو انساني اسمگلر نوجوان کي اٽيلي لاءِ ٻيڙي ۾ ويهارڻ کان پوءِ گهر ڀاتين کان وڌيڪ پئسا وٺن ٿا.

پهنجو تبصرو موڪليو