واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)آمريڪا ۾ انسانن ۾ سوئر جي گردن جي ٽرانسپلانٽشن جو تجربو ڪامياب ٿي ويو.پرڏيهي ميڊيا موجب ذهني طور مرده قرار ڏنل شخص کي سوئر جو گردو ٽرانسپلانٽ ڪيو ويو آهي.ان حوالي سان آمريڪي سرجن جو چوڻ آهي ته جينياتي طور تبديل ٿيل سوئر جو گردو 32 ڏينهن تائين انسانن ۾ سرگرم هوندو آهي. سرجن موجب کين اميد آهي ته گردو متاثر شخص ۾ معمول مطابق ڪم ڪندو رهندو.آمريڪي سرجنن جو چوڻ آهي ته سوئر جي گردي جو نارمل ڪم ڪرڻ هڪ وڏي اڳڀرائي آهي، اميد آهي ته سوئر جو گردو ٻين انسانن ۾ به معمول مطابق ڪم ڪندو.










