انتها پسندي ۽ دهشتگردي خلاف جنگ ۾ فورسز جي حمايت جاري رکبي

انتها پسندي ۽ دهشتگردي خلاف جنگ ۾ فورسز جي حمايت جاري رکبي

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته انتها پسندي، دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ سيڪيورٽي فورسز جي حمايت جاري رکنداسين.بنون ۾ ايف سي هيڊ ڪوارٽرز تي حملي ۽ لکي مروت ۾ پوليس اهلڪارن تي فائرنگ جي سخت مذمت ڪندي بلاول ڀٽو دهشتگردانه حملي کي ناڪام بنائڻ تي ايف سي اهلڪارن جي ارادن، جذبي کي خراج تحسين پيش ڪيو.بلاول ڀٽو دهشتگردن سان فائرنگ دوران شهيد ٿيندڙ سيڪيورٽي اهلڪارن ۽ لکي مروت ۾ شهيد ٿيندڙ پوليس اهلڪارن کي خراج عقيدت پيش ڪندي انهن جي خاندانن سان دلي تعزيت ۽ يڪجهتي جو اظهار ڪيو. هن دهشتگرد حملي ۾ زخمي ٿيندڙ اهلڪارن ۽ شهرين جي جلد صحتيابي جي دعا به ڪئي.پ پ چيئرمين انهي موقعي تي انتهاپسندي ۽ دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ سيڪيورٽي فورسز جي حمايت جاري رکڻ جو ارادو ظاهر ڪيو. بلاول ڀٽو زرداري ڪوئٽه ۾ بلوچستان نيشنل پارٽي(مينگل) جي ريلي ۾ ٿيل ڌماڪي جي به مذمت ڪئي. هن ڌماڪي جي نتيجي ۾ قيمتي حياتين جي نقصان تي افسوس جو اظهار ڪندي متاثر خاندانن ۽ بي اين پي(ايم) جي قيادت سان تعزيت پڻ ڪئي.بلاول چيو ته يقين آهي ته اهڙي ڏوهه ۾ ملوث دهشتگرد جلد قانون جي گرفت ۾ ايندا، بلوچستان جي حڪومت کي اپيل آهي ته واقعي ۾ زخمي ٿيل شهرين جي علاج کي هر صورت ۾ يقيني بنايو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو