سکر ( جيرام داس بختيارپوري )آمدني کان وڌيڪ ملڪيت رکڻ واري ڪيس ۾ خورشيد شاھ ۽ سندس 18 گهر ڀاتي احتسب عدالت ۾ پيش ٿيا. نيب مٿن هڪ ارب 23 ڪروڙ رپين جو ريفرنس داخل ڪيو آهي. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي سيد خورشيد احمد شاهه چيو آهي ته عمران خان آرٽيڪل 6 کي خراب نه ڪري. هن چيو ته مولانا فضل الرحمان خلاف اگر ڪو قدم کنيو ويو ته سول نافرماني جي تحريڪ شروع ٿي سگهي ٿي. هن چيو ته ضياء الحق، يحييٰ ۽ پرويز مشرف جي آمريت جو 40 سالن تائين اسان هميشه مقابلو ڪيو آهي. موجوده حڪومت ۾ مهانگائي ايتري ته وڌي وئي آهي جو غريب ماڻهو جو جيئڻ ئي جنجال ٿي ويو آهي ۽ غريب ماڻهو مهانگائي جي چڪي ۾ پسجي پيو ۽ ان جي ذميوار موجوده حڪومت آهي. هن چيو ته ملڪ ۾ انتقام نه انصاف ٿيڻ گهرجي انتقام جي سياست ۽ مهانگائي سان ملڪ ۾ خطرناڪ انقلاب اچي سگهي ٿو . هن چيو ته حڪومت گار گند واري ڳالهه کانسواءِ ٻي ڳالهه نٿي ڪري ۽ اهڙين ڳالهين جو اپوزيشن کي جواب نه ڏيڻ گهرجي ۽ اپوزيشن کي کپي ته مهانگائي خلاف ڳالهائي. هن چيو ته مون مٿان داخل ريفرنس هڪ انتقامي نشانو آهي 8 دفعا ميمبر قومي اسيمبلي چونڊجي چڪو آھيان ان کان وڌيڪ منهنجو ڪهڙو احتساب ٿيندو منهنجي ملڪيت جا تفصيل FBR وٽ موجود آهن هن هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته سيڪريٽري جنرل جو پاڪستان اچڻ سٺو سنوڻ آهي.










