انتظاميه جي نااهلي، گندگي جو آزار، گٽرن جو پاڻي روڊن تي بيهجي ويو

انتظاميه جي نااهلي، گندگي جو آزار، گٽرن جو پاڻي روڊن تي بيهجي ويو

نوشهرو فيروز (ن س)نوشهرو فيروز ۾ گندگي جو آزار هر طرف گٽرن جو پاڻي روڊن رستن تي هلي پيو، شهري سخت ڏچي ۾، انتظاميه جو جو نالو نشان ئي نظر نٿو اچي. شهر جي مئن اللّٰه واري چوڪ، ٺاروشاهه اسٽاپ، سوچي محلا مئن روڊ، پڊعيدن روڊ، ملاح محلا، تڳر محلا، عمراڻي محلا، گرلس اسڪول، هيٺاهين چوڪ، اسپتال روڊ سميت ڪافي پاڙن مان پاڻي سبب شهرين جو گذرڻ مشڪل ٿي ويو آهي، جڏهن ته گندگي جا ڍير به لڳل آھن جيڪي ڪير کڻڻ لاءِ تيار ناهي ۽ ميونسپل انتظاميه جي ڪا به رٽ نظر نٿي اچي ڇو جو ٽي ايم او جي پوسٽ خالي آھي ۽ هر ٽي ايم او برسات کانپوءِ سوا ڪروڙ جي بجيٽ حصو پتيون ڪري بدلي ڪرائي وڃي ٿو ۽ وائيٽ ڪالر سئيپرن کان علاوهه 70 کان وڌيڪ ڪلرڪن ۽ مالهين جون پگهارون به ڪٽي هڙپ ڪيون پيون وڃن جڏهن ته ايڊمنسٽريٽر اي سي احسان اللّٰه يوسفزئي به هٿ مٿي ڪري ڇڏيا آھن. شهري اڳواڻن يونس راڄپر، ايم ظفر تڳر، خادم سيال، مهر وسطڙو، ۽ ٻين شهر جي گندگي ۽ پاڻي نيڪال نه ٿيڻ تي سخت احتجاج جو سڏ ڏنوآھي

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو