انتظاميه جي نااهلي،شهر ڪچري جي وڪڙ ۾،بيماريون پکڙجڻ جو خدشو

انتظاميه جي نااهلي،شهر ڪچري جي وڪڙ ۾،بيماريون پکڙجڻ جو خدشو

ٽنڊو محمد خان (ن س)ٽنڊو محمد خان جي شهري علائقي ۾ روڊن رستن ، رهائشي علائقن ، محلن ، گهٽين ۾ گندگي جا ڍير ٿي ويا آهن ، گٽر اٿلي پوڻ جي ڪري شهري علائقي جي واپاري مرڪزن نصيرآباد ، مير محلي ، بهراڻي محلي ۽ ٻين ڪيترن ئي علائقن ۾ روڊن رستن تي گٽرن جي گندي پاڻي ۽ ڪچرن جي ڍير جي ڪري شهرين جي عام زندگي سخت متاثر ٿي ويئي آهي ، شهري علائقي کي صاف سٿرو بنائڻ لاءِ ميونسپل ڪميٽي جي طرفان ٽريڪٽر ٽرالين جو استعمال ڪرڻ جو ڪم رولڙي جو شڪار بڻايو ويو آهي ، ميونسپل ڪميٽي جي فنڊن مان خريد ڪيل ڪچرو کڻندڙ گاڏيون ميونسپل جي اختيارين گم ڪري ڇڏيون آهن گاڏين جو ڪٿي استعمال ڪيو وڃي پيو ان جي بابت شهرين کي ڪا به آگاهي نه ڏني ويئي آهي ، شهر جي روڊن رستن ۽ رهائشي علائقن ۾ گندگي جي ڍير جي ڪري شهري پنهنجي گهرن ڏانهن اچڻ ۽ وڃڻ لاءِ به پريشان ٿي ويا آهن ، شهري علائقي جي رهواسي عام ماڻهن جو چوڻ آهي ته ميونسپل ڪميٽي جو سمورو ڪم ايم پي اي جي هڪ خاص ماڻهو حوالي ڪيل آهي جيڪو ميونسپل لٽي ڦري رهيو آهي جنهن ٽالپر ڪالوني ۾ پنهنجو عاليشان محل ٺهرائي ڇڏيو آهي پر شهر کي صاف سٿرو رکڻ لاءِ ميونسپل ڪميٽي جي ڪچري کڻڻ واريون خريد ڪيل ميونسپل واريون ٽراليون به خانگي ڪمن ۾ استعمال ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيون آهن شهري اتحاد جي صدر نور حسن کوکر ، جنرل سيڪريٽري نسيم ٽالپر ، آصف چانڊيو ، علي بخش سومرو ۽ ٻين جو چوڻ آهي ته ميونسپل ڪميٽي کي ايم پي اي جي دادلي ۽ اڳوڻي ڪائونسلر لٽي ڦري برباد ڪري ڇڏيو آهي ميونسپل شهر کي صاف سٿرو رکڻ بجاءِ گٽرن جي حوالي ڪري گندگي جي لپيٽ ۾ آڻي شهرين کي حڪمران پارٽي کي ووٽ ڏيڻ جي سزا ڏيئي رهي آهي ، علائقي جي رهواسين هميشه پيپلز پارٽي کي ووٽ ڪيو آهي پر لڳي ٿو ايم پي اي جو دادلو اڳوڻو ڪائونسلر ان مان خوش ناهي ، اهو ڇان چاهي ٿو جنهن جي کيس خبر هوندي ، بلديات کاتي جي صوبائي وزير ناصر شاھ کي ان جو نوٽيس وٺڻ گهرجي ، حيدرآباد ڪراچي ۾ صفائي جي گاڏين جي ماڊلن جو پاڻ افتتاح ڪري رهيو آهي پر کيس سنڌ جي پٺتي پيل علائقي ٽنڊو محمد خان جي به پرگهور لهڻ گهرجي ، جيڪو شهر پيپلز پارٽي جو هميشه قلعو رهيو آهي ان کي گندگي جي لپيٽ ۾ آڻيو ويو آهي ،هوڏانهن بلديات کاتي جي صوبائي سيڪريٽري ايڊمنسٽريٽر ميونسپل ڪميٽي فياض منگي کي سندس ناقص ڪارڪردگي جي ڪري معطل ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو پر وري کيس ٻي ڏينهن ساڳئي عهدي تي بحال ڪيو ويو ، شهري حلقن جو چوڻ آهي ته ڪرپٽ راشي ۽ شهر کي گندگي جي لپيٽ ۾ آڻيندڙ ميونسپل ڪميٽي جي ايڊمنسٽريٽر فياض منگي سان گڏ ڪرپشن جا رڪارڊ ٽوريندڙ ٽي ايم او ميوپنسپل ڪميٽي ٽنڊو محمد خان اعجاز ملاح کي به فوري طور سندن عهدن تان برطرف ڪري ٽنڊو محمد خان ۾ ايماندار آفيسر مقرر ڪيا وڃن .

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو