اميد آهي ته ٻيهر سازشون نه ٿينديون: راڻا ثناءُ الله

اميد آهي ته ٻيهر سازشون نه ٿينديون: راڻا ثناءُ الله

لاهور (ويب ڊيسڪ)وزيراعظم جي سياسي معاملن واري صلاحڪار راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته اميد آهي ته سازشون ٻيهر نه اڀرنديون.هڪ بيان ۾ راڻا ثناءُ الله چيو ته 26هين آئيني ترميم سان اميد آهي ته پاڪستان ٻيهر چورن جو نشانو نه بڻجندو.هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف جي انتھائي ڪوششن سبب پاڪستان ترقي جي راهه تي گامزن آهي.راڻا ثناءُ الله جو چوڻ آهي ته ن ليگ سمورين سياسي قوتن سان گڏجي ڪم ڪرڻ تي يقين رکي ٿي، ن ليگ لوڊشيڊنگ ختم ڪري توانائي بحران تي ضابطو آندو.ن ليگ اڳواڻ چيو ته مسلم ليگ ن دهشتگردي خلاف جنگ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، پاڪستان بحران مان نڪري چڪو آهي.سندس اهو به چوڻ آهي ته وڏن ترقياتي منصوبن تي ڪم ٿي رهيو آهي، پنجاب جي وڏي وزير مريم نواز عام ماڻهو جي ضرورتن جو خيال رکي رهي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو