اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته اميد آهي ته هلندڙ مهيني آءِ ايم ايف سان معاهدو ٿي ويندو ۽ مشڪلاتون دور ٿي وينديون. اسلام آباد ۾ تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته پاڪستان ان ڪناري تي بيٺو آهي جتي هڪ هڪ پائي بچي ٿي، هي ڏکيو وقت آهي، هن چيو ته اميد آهي ته آءِ ايم ايف سان هلندڙ مهيني معاهدو ٿي ويندو ۽ مشڪلاتن مان ٻاهر نڪرنداسين. ڏکين حالتن ۾ حڪومت ملي پر اتحادي حڪومت ئي هن ملڪ کي مشڪلاتن مان ڪڍندي. وزيراعظم چيو ته پرڏيهي مٽا سٽا جي ذخيرن کي ڏسڻ کان پوءِ درآمد جي ترجيح مطابق لسٽ تيار ڪئي وئي آهي. هن وڌيڪ چيو ته آخر ڪيستائين ٻين جي تختي تي هلنداسين؟ سفر ڏکيو ضرور آهي پر ناممڪن ناهي، پر شرط اهو آهي ته قربانيون ڏيڻيون پونديون ۽ جانيون ڏيڻيون پونديون، ڏينهن رات محنت ڪرڻي پوندي ته هي ملڪ اڳتي وڌندو.










