امن جو نوبل انعام ايٿوپيا جي وزيراعظم آبي احمد عليءَ جي نانءِ

اوسلو (ڊيسڪ نيوز) 2019 جو نوبل امن جو انعام ايٿوپيا جي وزيراعظم آبي احمد عليءَ کي ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. کيس اهو انعام بين الاقوامي تعاون ۽ امن حاصل ڪرڻ وارين ڪوششن خاطر ڏنو ويو آهي. گذريل سال ايٿوپيا جي پاڙيسري ملڪ اريٽيريا سان 20 سالن کان هلندڙ سرحدي جنگ ختم ڪرڻ لاءِ ٺاهه ڪيو هيو آبي احمد عليءَ جي انهيءَ قدم کي نوبل فائونڊيشن انعام جو سبب ڄاڻايو آهي.  

پهنجو تبصرو موڪليو