امن بورڊ ۾ شموليت تي پاڪستان جي حمايت جي تعريف

امن بورڊ ۾ شموليت تي پاڪستان جي حمايت جي تعريف

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي پرڏيهي وزير مارڪو روبيو وزيراعظم شهباز شريف ۽ نائب وزيراعظم اسحاق ڊار سان ملاقات ڪئي،واشنگٽن ڊي سي ۾ ملاقات کان پوءِ، آمريڪي پرڏيهي وزير مارڪو روبيو سوشل ميڊيا تي تصوير شيئر ڪئي.آمريڪي پرڏيهي وزير سوشل ميڊيا تي لکيو ته اڄ هن پاڪستاني وزيراعظم شهباز شريف سان ملاقات ڪئي ۽ اسٽريٽجڪ لاڳاپن، اهم معدنيات، ترقي ۽ دهشتگردي جي خلاف معاملن تي بحث ڪيو.آمريڪي پرڏيهي وزير چيو ته هو آمريڪي صدر پاران غزه امن منصوبي لاءِ پاڪستان جي حمايت ۽ امن بورڊ ۾ ان جي شموليت جي تعريف ڪري ٿو.

پهنجو تبصرو موڪليو