امتياز شيخ پاران شهر جو دورو،انتظاميه کي هدايتون جاري

امتياز شيخ پاران شهر جو دورو،انتظاميه کي هدايتون جاري

شڪارپور (ن سنڌيار) صوبائي وزير توانائي امتياز احمد شيخ جو شڪارپور جي پمپنگ ، شيخ اياز يونيورسٽي ء سي ايمڊ ايس ڪاليج جو دورو، برسات جي پاڻي جي مسلسل نيڪال سبب پمپنگ اسٽيشن مشينري خراب ٿي ويئي آھي، پمپنگ اسٽيشنن کي مرمت ڪيو وڃي. صوبائي وزير امتياز احمد شيخ جو چيف انجنيئر پبلڪ ھيلٿ کي ھدايت، شيخ اياز يونيورسٽي ء سي اينڊ ايس ڪاليج مان برساتي پاڻي ڪڍرايو ويندو ء ٻوڏ متاثرن کي ٽينٽ سٽي ۾ منتقل ڪيو ويندو، يونيورسٽي جي دوري دوران ڳالھيون تفصيل موجب صوبائي وزير توانائي امتياز احمد شيخ پبلڪ ھيلٿ چيف انجنيئر ارشاد عباسي کي طلب ڪري ورتو ء ساڻ ڪري شڪارپور جي پمپنگ اسٽيشنن جو دورو ڪيو ان موقعي تي چيف انجنيئر پبلڪ ھيلٿ چيف انجنيئر ارشاد عباسي کي ھدايت ڏيندي چيو ته ھلندڙ برساتن جي پاڻي نيڪالي سبب شڪارپور جون مشينون مسلسل ھلڻ ڪري خراب ٿيون آھن ان ڪري انھن کي وڏي مرمت جي ضرورت آھي ء ان کي جلد مرمت ڪرايو وڃي . ھن چيو ته ڪجھ جنريٽر ء پمپ خراب ٿي چڪا آھن ء پمپنگ اسٽيششن جي بلڊنگ کي به مرمت ڪرائي وڃي. جڏھن ته چيف انجنيئر ، ايڪ سي اين شڪارپور آغا نعيم کي سروي ڪري مرمت ڪرائڻ جو حڪم ڏنو، ٻئي طرف صوبائي وزير توانائي امتياز احمد شيخ ، شيخ اياز يونيورسٽي ء سي اينڊ ايس جو دورو ڪيو ، ان موقعي تي رجسٽرار شيخ اياز يونيورسٽي ثاقب مھر، پرنسپل سي اينڊ ايس اياز شاھ ء اڳوڻو پرنسپل ڪاليج محمد افضل شيخ صوبائي وزير کي بلڊنگ اندر بيٺل پاڻي بابت بريفنگ ڏني. صوبائي وزير امتياز احمد شيخ چيو ته ٻنھي تعليمي ادارن مان پاڻي نيڪالي جون ھدايتون ڏنيون آھن . ھن چيو ته ڪاليج جي بلڊنگ ۾ موجود ٻوڏ متاثرن کي جلد ٽينٽ سٽي ۾ منتقل ڪيو ويندو ته جيئن ادارن ۾ تدريسي عمل شروع ٿي سگھي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو