امتياز شيخ جي صدارت هيٺ اجلاس، ٿر منصوبي ۾ پاڻي فراهمي بابت بريفنگ

امتياز شيخ جي صدارت هيٺ اجلاس، ٿر منصوبي ۾ پاڻي فراهمي بابت بريفنگ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي توانائي واري صوبائي وزير امتياز احمد شيخ سومر ڏينهن توانائي کاتي جي آفيس ۾ شنگهائي اليڪٽرڪ ڪمپني جي عملدارن ملاقات ڪئي، ان موقعي تي ٿر ڪول پروجيڪٽ ۾ زير زمين پاڻي جي استعمال ۽ ٿر ڪول پروجيڪٽ مان پاڻي جي فراهمي بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. نبي سر وجيهار پائيپ لائين تي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس ۾ سنڌ جي توانائي واري صوبائي وزير امتياز احمد شيخ چيو ته سنڌ حڪومت ٿر ڪول پاور پروجيڪٽ ذريعي ملڪ جي توانائي جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي منصوبن تي تيزي سان ڪم ڪري رهي آهي ۽ ٿر پاور پروجيڪٽ ۾ ڪم ڪندڙ ڪمپنين کي هر ممڪن سهولتون فراهم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون. توانائي واري صوبائي وزير امتياز احمد شيخ چيو آهي ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي متحرڪ ۽ فعال قيادت ۾ سنڌ حڪومت جو ويزن آهي ته ٿر پاڪستان کي بدلائيندو. هن چيو ته سنڌ حڪومت ڪوشش ڪري رهي آهي ته ٿر جي ڪوئلي کي ملڪ جي توانائي جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ ڪم آندو وڃي ته جيئن تيل ۽ گئس جي درآمد تي خرچ ٿيندڙ وڏي رقم کي بچائي ملڪ کي معاشي بحران کان بچائي سگهجي

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو