لنڊن (ويب ڊيسڪ)هالي ووڊ اداڪار مڪي رورڪ چيو آهي ته جاني ڊيپ جي اڳوڻي زال امبر هرڊ لالچي عورت آهي.تازو ئي هڪ انٽرويو ۾ فلم آئرن مين 2 ۾ ايوان جو ڪردار ادا ڪندڙ اداڪار مڪي رورڪ کي اداڪار جاني ڊيپ جي اڳوڻي زال ايمبر هرڊ هڪ مطلبي ۽ لالچي عورت قرار ڏنو.جاني ڊيپ ۽ سندس اڳوڻي زال جي ڪيس بابت پڇيو ويو، مکي رورڪ چيو ته هن ماضي ۾ ڪوڙا الزام هنيا آهن.هن چيو ته مان جاني ڊيپ کي سالن کان سڃاڻان ٿو پر ڪڏهن به ساڻس ويجھو نه رهيو آهيان، تنهن ڪري مان ان ڪيس بابت يقين سان نٿو چئي سگهان.”ڇاڪاڻ ته جاني ڊيپ بدنامي جو ڪيس کٽي ورتو آهي، مان صرف تصور ڪري سگهان ٿو ته هو ڪيتري تڪليف مان گذريو هوندو ڇو ته مان پاڻ به ڪوڙي الزام جو شڪار ٿي چڪو آهيان،“ هن چيو ته ڪوڙو الزام مون کي تمام گهڻو مالي ۽ ذهني تڪليف ۾ مبتلا ڪيو، مون کي فلم ڇڏڻي پيئي، منهنجي نوڪري به وئي ۽ منهنجي بي عزتي ڪئي وئي.










